بناءُ الاسلام

بناءُ الاسلام: مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو هيءُ شعري مقالو، اسلام جي بنيادي قاعدن متعلق آهي، جنهن جي ابتدا هن طرح ڪئي وئي آهي:
سڀ ساراه صاحب کي، جوڙيا جنہ جهان ،
عرش خلقيائين ۽ ڪرسي، ڀونيون، آسمان
مخدوم صاحب عربي ۽ فارسي ڪتابن جي مدد سان هيءُ مڪتوب، 5 ذوالحج 1143هه (1731- 1730ع) تي پورو ڪيو. آخر ۾ فارسي نوٽ ۾ ان کي ”عقائد سنڌي“ به سڏيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 221 ورق آهن، سائيز 22x5 سينٽي ميٽر اٿس ۽ هر صفحي تي 11 سٽون، عربي شعر ڳاڙهي مس سان لکيل آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو